ذوالفقار شاهه

ذوالفقار شاهه

ذوالفقار شاهه

ذوالفقار شاهه: نوجوان ليکڪ، سماجي ورڪر ۽ مختلف اين. جي. اوز جو سرگرم اڳواڻ ذوالفقار شاهه، 28 جون 1977ع ۾ راڌڻ، ضلعي دادو ۾ ڄائو. ايم. اي (2004ع) ۾ فلاسافيءَ جي مضمون ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي ۽ هن وقت ’ڊيولپمينٽ اسٽڊيز‘ جي موضوع تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. هن 1995ع ۾ روزاني ’ڪاوش‘ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ لڳاتار روزانـي ’عبـرت‘، ڊبليـو. ڊبلـيو. ايــف
(World Wildlife Fund Karachi) ۾ بطور ڪنسلٽنٽ، فشر فوڪ فورم ۾ ريسرچ ڪوآرڊينيٽر (2004ع)، پي. اي. پي فائونڊيشن آمريڪا ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڊيولپمينٽ ڪوآرڊينيٽر (2005ع)، فشر فوڪ فورم جو پروگرام مئنيجر (2006ع)، ’سائوٿ ايشيا پارٽنر شپ پاڪستان‘ سماجي تنظيم جو صوبائي ڪوآرڊينيٽر (2009ع)، سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاڪستان جو پروگرام مئنيجر (2010ع) به رهي چڪو آهي.
هن وقت ’انسٽيٽيوٽ فار سوشل موومينٽ- پاڪستان‘ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي. هن ننڍي هوندي کان سماجي ڪمن ۾ متحرڪ ڪارڪن طور ڪم ڪيو. مختلف مئگزين، جهڙوڪ: سوشل موومينٽ جرنل، پاڪستان ڪنٽري گائيڊ، نيوز اينڊ اوپنين جو ايڊيٽر رهي چڪو آهي، سنڌ توڙي عالمي سطح تي ڪيترين ڪانفرنسن جو آرگنائيزر رهيو آهي. هي علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن بابت سنڌ يونيورسٽيءَ سميت جواهر لعل نهرو، دهلي يونيورسٽي، پنجاب يونيورسٽي چندريڳڙهه، پريس ڪلب چندريڳڙهه، ماهدال يونيورسٽي بئنڪاڪ وغيره ۾ ليڪچر ڏئي چڪو آهي. مختلف ملڪي توڙي بين الاقوامي ورڪشاپن ۾ سماجي ورڪرن کي سکيا ڏيندو رهيو آهي. هيءُ موومينٽ فار پيس اينڊ ٽالرنس پاڪستان جو ڪنوينر؛ سنڌ ايگرين رفارمس ايسوسيئيشن ڪميٽيءَ جو ڪوآرڊينيٽر؛ پاڪستان لينڊ ڪوليشن جو صلاحڪار، انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز برطانيا جو ٻن سالن جي مدي لاءِ ميمبر، انٽرنيشنل سوسائٽي فار فلاسافر، شفلڊ يونيورسٽي برطانيا، سائوٿ ايشيا ريسرچ فورم لنڊن، برطانيا جو ميمبر پڻ آهي. سندس ڪالم سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس هڪ ڪتاب Indus Delta: An Environmental Assessment (2006ع) ۽ هڪ ڪتابچو Water People and Protest به ڇپيل آهي. هيءُ سنڌ جي سول سوسائٽي ۾ متحرڪ اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ ۾ سماجي جاڳرتا لاءِ ڪيل سندس ڪم اهميت جوڳو آهي هيءُ هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


لفظ ذوالفقار شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.06.28  عيسوي

نوجوان ليکڪ، سماجي ورڪر ۽ مختلف اين. جي. اوز جو سرگرم اڳواڻ ذوالفقار شاهه، 28 جون 1977ع ۾ راڌڻ، ضلعي دادو ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جانڻ چن
جيلاني حنا
ڀرڪيو شيخ ٺٽو
ڄام کنگهار (ٻيو)
صلب بن قاسم
جارج واشنگٽن
محمد رفيق بلوچ
ذاڪر علي خان
سوامي ليلا شاهه
ابراهيم بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون